ڪراچي – 08 – جنوري (ا?? پي پي) نائ?? وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير سينيٽر اسحاق ڊار چيو آهي ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ ملڪي معيشت صحيح رخ ۾ گامزن آهي، ٻاهرئين ادارن تي دارومدار گهٽ ڪرڻ جي لاءِ مقامي ڪيپيٽل مارڪيٽ کي مضبوط ڪرڻو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. نائ?? وزيراعظم چيو ته 9 سال اڳ لڳايل سمورين اسٽاڪ مارڪيٽن کي ضم ڪرڻ جو ٻوٽو هاڻي وڌي وڻ بڻجي ويو آهي، 2017ع ۾ سياسي عدم استحڪام جي ڪري معيشت جو ڦيٿو رُڪجي ويو هو. هن چيو ته 2018ع ۾ اسٽاڪ مارڪيٽ 100 ارب ڊالر هئي، نائ?? وزيراعظم سينيٽر محمد اسحاق ڊار چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ ملڪ کي ڏي??ال??ڻو ٿيڻ کان بچايو ۽ ٻاهرئين سيڙپڪارن جو پاڪستان تي اعتماد وڌي رهيو آهي. هن چيو ته جڏهن محمد نواز شريف جي حڪومت ختم ٿي ته قرضن جي شرح جي ڊ?? پي جو 63 سيڪڙو هئي، 2018ع کانپوءِ پاڪستان جي قرضن جي شرح ۾ مسلسل اضافو ٿيو. نائ?? وزيراعظم اسحاق ڊار چيو ته پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ٿيندڙ تقريب ۾ شرڪت سندس لاءِ خوشي جو سب?? آهي. هن چيو ته وزيراعظم جي قيادت ۾ پاڪستان عالمي برادري ۾ پنهنجو وڃايل مقام حاصل ڪندو جيئن ته 27 سالن کانپوءِ پاڪستان شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جهڙو وڏو ايونٽ منعقد ڪيو. نائ?? وزيراعظم چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي قيادت ۾ ملڪي معيشت صحيح رخ ۾ گامزن آهي.
متعلقہ مضامین
-
India behind smuggling, IED incidents along LoC: AJK minister
-
COAS Gen Asim Munir awarded guard of honour during UK visit
-
Islamabad United defeat Karachi Kings to remain unbeaten in PSL 10
-
ایم جی آن لائن آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ کا تعارف
-
KM کارڈ گیم تفریحی قابل اعتماد ایپ
-
Heated debate in NA on formulation of TORs committee
-
Shahbaz Taseer on BBC HardTalk
-
Govt, WB ink $650m development agreements
-
Nation will not tolerate corruption
-
Gen Raheel bids farewell
-
Shehbaz promises to end corruption
-
میڈوسا II تفریحی سرکاری ویب سائٹ