اسلام آباد– 20 – ڊسمبر (اي پي پي( وزيرا??ظم محمد شهباز شريف انساني اسمگلنگ بابت جاري جاچ جلد کان جلد مڪمل ڪري ٺوس سفارشون پيش ڪرڻ، سهولتڪاري ۾ ملوث ايف آءِ اي اهلڪارن جي نشاندهي ۽ انهن جي خلاف سخت ڪارروائي ۽ اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي پا?? ۾ رابطو وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي آهي. وزيرا??ظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب وزيرا??ظم جي صدارت ۾ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام بابت اهم اجلاس ٿيو. وزيرا??ظم چيو ته انساني اسمگلنگ پا??ستان جي لاءِ سڄي دنيا ۾ بدنامي جو سبب بڻجي ٿي. هن انساني اسمگلنگ جي روڪٿام جي لاءِ لاڳاپيل ادارن کي پنهنجا رابطا وڌيڪ بهتر بڻائڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ??ه 2023ع جي ٻيڙي اونڌي ٿيڻ جي حادثي کانپوءِ ذميوارن جي خلاف ڪارروائي ۾ انتهائي سستي سان ڪم ورتو ويو، ذميوار آفيسرن جي خلاف سخت ڪارروائي ٿيندي. هن انساني اسمگلرن جي سهولتڪاري ۾ ملوث ايف آءِ اي اهلڪارن جي نشاندهي ۽ انهن جي خلاف سخت ڪارروائي ۽ انساني اسمگلنگ بابت جاري جاچ جلد کان جلد مڪمل ڪري ٺوس سفارشون پيش ڪرڻ جي پڻ هدايت ڪئي. اجلاس کي يونان ٻيڙي حادثي ۽ انساني اسمگلنگ جي روڪٿام جي ح??الي سان قدمن تي بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ دوران ٻڌايو ويو ته يونان ٻيڙي حادثي ۾ فوت ٿيندڙ 5 پا??ستانين جي سڃاڻپ ڪئي وئي آهي، ٻين جي سڃاڻپ جو عمل جاري آهي. ايٿنز ۾ موجود پا??ستاني سفارتخانو ٻيڙي حادثي جي ح??الي سان يوناني عملدارن سان مسلسل رابطي ۾ آهي، ٻيڙي حادثي جي ح??الي سان معلومات ۽ مدد جي لاءِ ايٿنز ۾ موجود پا??ستاني سفارتخاني سان هيلپ لائين +30-6943850188 ۽ پرڏيهي وزارت جي ڪرائيسز مئنيجمينٽ يونٽ جي نمبر 0519207887 تي رابطو ڪري سگهجي ٿو. بريفنگ ۾ اهو به ٻڌايو ويو ته گوجرانوالا، گجرات، سيالڪوٽ ۽ منڊي بهاءَ الدين جي ضلعن مان سڀ کان وڌيڪ ماڻهو انساني اسمگلرن جو شڪار ٿين ٿا، انساني اسمگلنگ جي روڪٿام جي ح??الي سان قانونسازي وڌيڪ بهتر بڻائي پئي وڃي. اجلاس ۾ نائب وزيرا??ظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار، اقتصاسدي معاملن واري وفاقي وزير احد خان چيما، اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ، وزيرا??ظم جي ڪوآرڊينيٽر راڻا احسان افضل ۽ لاڳاپيل اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. يونان ۾ مقرر پا??ستان جي سفير اجلاس ۾ وڊيو لنڪ ذريعي شرڪت ڪئي.
متعلقہ مضامین
-
Sindh sends aid trucks to flood victims
-
Eid ul-Fitr holiday announced: three days of celebration ahead
-
Appellate tribunal set to hear appeal regarding municipal corporations
-
Dosti Bus Service suspended after caste violence in India
-
WFP to assist Pakhtunkhwa govt in provision of food to TDPs
-
Islamic seminary back in Indian media as terror hub
-
Pakistan ranks 9th among world’s most obese nations
-
Army conducts night field manoeuvres
-
Pakistan ranks 48th place on English language skills
-
More than a politician
-
Expert says Pakistan needs cross-domain deterrence
-
Butterfly Entertainment کی سرکاری پلیٹ فارم