اسلام آباد – 08 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته هٿياربند فو?? آئين موجب پنهنجا فرض سرانجام ڏيڻ جي لاءِ پرعزم آهي، سمورن سياستدانن کي به جمهوري طريقي سان ڳالهين، مشاورت ۽ ڳالهه ٻولهه جي ذريعي ملڪ کي درپيش مسئلن تي اتفاق راءِ پيدا ڪندي مالي ۽ اقتصادي استحڪام حاصل ڪرڻ جي لاءِ سياسي پولرائيزيشن کي گهٽ ڪرڻ گهرجي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار اسلام آباد ۾ آزادي جا 75 سال: جامع قومي سلامتي حاصل ڪرڻ جي عنوان سان اسلام آباد ڪانڪليو 2022ع جي پڄاڻي واري سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو. صدر چيو ته ماضي ۾ سپر پاورز گڏيل تباهي جو ڊاڪٽرائن اختيار ڪيو جنهن دنيا جي وسيلن کي وڌيڪ خطرناڪ هٿيارن جي نظام جي تياري طرف موڙي ڇڏيو جڏهن ته ??نهن وسيلن جي هڪ معمولي حصي سان دنيا ۾ غربت ۽ بک جي خاتمي سان گڏوگڏ موسمياتي تبديلين جي اثرن کي به گهٽ ڪري سگهجيو پئي. هن وڌيڪ چيو ته ??مهوريت، فو??ي دفاع، اطلاعات ۽ مواصلات جي سيڪيورٽي ۽ معاشي خودمختياري ملڪ جي جامع دفاع جي لاءِ ضروري عنصر آهن. هن چيو ته پاڪستان جو آئين سمورن شهرين جي حقن جو تحفظ ڪري ٿو، ڀلي انهن جي سماجي حيثيت، دولت يا اثر رسوخ ڪجهه به هجي، بنا ڪنهن فرق جي فو??ي ۽ سستي انصاف جي فراهمي سان ملڪ کي تيز رفتار بنياد تي اڳتي وڌائڻ ۾ مدد ملندي. صدر چيو ته معلومات قومي سلامتي جو هڪ ٻيو اهم عنصر ڇو ته ??لط معلومات ملڪ کي تباهه ڪرڻ ۽ معصوم آبادين کي گمراهه ڪرڻ جي لاءِ استعمال ڪري سگهجي ٿي. هن چيو ته وڏي پئماني تي تباهي پکيڙيندڙ هٿيارن جي حوالي سان غلط معلومات وچ اوڀر ۾ هڪ وڏي تڪرار جو سبب بڻيو جنهن جي نتيجي ۾ ڪيتريون ئي قيمتي جانيون ضايع ٿيون ۽ مليڪيتن ۽ اثاثن جي تباهي ٿي. هن چيو ته پاڪستان نيوڪليئر ڊيٽرنس حاصل ڪيو، جنهن ملڪ کي 20 کان 30 سالن تائين ريليف ۽ هڪ قابل اعتماد دفاعي نظام فراهم ڪيو پر سائبر سيڪيورٽي جي اچڻ سان پوري دفاعي نظام جو نمونو بدلجي ويو. هن وڌيڪ چيو ته قومي اثاثن کي سائبر حملن کان بچائڻ جي لاءِ ٺوس قدم کنيا وڃن ۽ ملڪ ۾ مستقبل ۾ ٿيندڙ سائبر حملن کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هڪ جامع نظام جوڙيو وڃي. صدر چيو ته ??سان جي اعليٰ تعليمي ادارن ۾ سمورن خواهشمند شاگردن کي داخلا ڏني وڃي ته ??يئن ملڪ ۾ اعليٰ تعليم وارن ماڻهن جي انگ ۾ اضافو ٿئي. هن چيو ته هايئر ايجوڪيشن ڪميشن کي اعليٰ تعليمي ادارن جي سگهه ۽ صلاحيتن ۾ اضافي جي لاءِ فيصلائتا ۽ فو??ي قدم کڻڻ گهرجن ته ??يئن هائبرڊ ۽ آن لائين تدريسي نظام آڻي ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته ??مورن خواهشمند شاگردن کي اعليٰ تعليمي نظام ۾ جڳهه ڏئي سگهجي. آبادي ۾ اضافي جي مسئلي تي ??اب??و آڻڻ جي حوالي سان صدر چيو ته ??بادي تي ??اب??و آڻڻ جي احتياطي طريقن سان واڳيل ممنوعات کي ختم ڪرڻ ۽ حمل کان روڪ وارين دوائن جي دستيابي کي يقيني بڻائڻ جي ضرورت آهي. آءِ ايس ايس آءِ جي ڊائريڪٽر جنرل ايمبيسيڊر اعزاز احمد چوڌري شرڪت ڪندڙن کي ڪانفرنس ۾ بحث هيٺ ايندڙ معاملن کان آگاهه ڪيو. هن ٻڌايو ته ڪانفرنس ۾ دفاع ۽ سلامتي، ڏکڻ ايشيا ۾ امن جي ڳولا، پاڪستان جي اقتصادي سرحدن، جيو اڪنامڪس حاصل ڪرڻ ۽ پاڪستان جي انساني ۽ اقتصادي سلامتي جهڙن موضوعن تي ڳالهه ٻولهه ٿي. ڪانفرنس جي اهم مقرر ايف ايس اعجازالدين پاڪستان ۾ آبادي کي اندروني محاذ تي وڏو مسئلو قرار ڏنو ۽ چيو ته ٻاهرئين محاذ تي ڀارت سان لاڳاپا وڏو مسئلو آهي. هن علائقائي رابطن کي وڌائڻ جي راهه ۾ درپيش وڏن چئلينجن تي پڻ روشني وڌي.
متعلقہ مضامین
-
Balochistan imposes night travel ban after deadly attacks
-
Victory celebrations across Pakistan as Indian army waves white flag at LoC
-
Shanshui Scenery Entertainment - قدرت اور تفریح کا حسین امتزاج
-
GW Lottery: ایک قابل اعتماد تفریحی داخلہ
-
جیا الیکٹرانک انٹرٹینمنٹ: ایک قابل اعتماد ویب سائٹ
-
Bilawal emphasizes people to people contacts between Pakistan, India
-
Sindh CM meets Rangers DG, discusses law and order situation
-
Torture rampant in Pakistan jails, police cells: rights experts
-
Balochistan to have HIV/Aids diagnostic centers
-
TDCP orders three more busses to meet tourists demands
-
لکی کیٹ آفیشل گیم پلیٹ فارم: آن لائن گیمنگ کا نیا دور
-
آفیشل ڈاؤن لوڈ کی اہمیت اور کامیابی کے طریقے