اسلام آباد – 21 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فو??د حسين چيو آهي ته وزيراعظم عمران خان ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف جي حڪومت مافياز جي خلاف ڄمي بيٺل آهن، چورن ۽ ڦورئن جي خلاف جدوجهد جاري آهي، اهو سلسلو منطقي انجام تي پهچندو، آرٽيڪل 63 اي آئين جو بنيادي حصو آهي، ماڻهن جا ضمير خريد ڪرڻ، لوٽا ڪريسي کي ريگولرائيز ڪرڻ جي ڪوشش ۽ چونڊيل حڪومت جي خلاف سازش تي سپريم ڪورٽ کان تشريح گهري وئي آهي، سپريم ڪورٽ کان جيڪو به جواب ايندو، اهو عوام جي سامهون رکنداسين، او آءِ سي پرڏيهي وز??رن جي ڪانفرنس جي خلاف جيتريون سازشون مخالف ڌر ڪيون ايتريون ڀارت ۽ اسرائيل ناهن ڪيون، ن ليگ جو ميڊيا سال پي ٽي آءِ جي ڊي پيز ٺاهي فو?? جي خلاف مهم هلائي رهيو آهي، فو?? ۽ پي ٽي آءِ ۾ وڇوٽيون وجهڻ جي ن ليگ جي اهڙي سازش ڪڏهن ڪامياب نه ٿيندي. اها ڳالهه هن سپريم ڪورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائيندي چئي، ان موقعي تي وفاقي وزير حماد اظهر ۽ پارلياماني معاملن وارو صلاحڪار ڊاڪٽر بابر اعواڻ به موجود هئا. چوڌري فو??د حسين چيو ته سپريم ڪورٽ ۾ اڄ ڪيس جي ٻڌڻي ٿي آهي، صدارتي ريفرنس تي به ڳالهه ٿي آهي، آرٽيڪل 63 اي آئين جو بنيادي حصو آهي، سپريم ڪورٽ کي چيو ويو آهي ته موجوده حالتن ۾ آرٽيڪل 63 اي جي تشريح ڪئي وڃي ۽ ٻڌايو وڃي ته پاڪستان جي آئين تحت ضمير فروشي، لوٽآ ڪريسي، ووٽ وڪرو ڪرڻ جي اجازت آهي يا نه. سپريم ڪورٽ کان جيڪو به جواب ايندو اهو عوام جي سامهون رکنداسين، هن چيو ته عمران خان ۽ پي ٽي آءِ جي حڪومت مافياز جي خلاف ڄمي بيٺل آهي، اسان کي پهرين ڏينهن کان پتو هو ته مافياز جي خلاف قدمن تي اسان جي خلاف سازشون ٿينديون، ڌاڙيلن کي ختم ڪرڻ هڪ وڏو چئلينج هوندو، اهو پهريون موقعو ناهي ته عمران خان ان طرح جي چئلينج کي منهن ڏئي رهيو آهي، عمران خان زندگي ۾ سدائين وڏا چئلينج ورتا آهن، موجوده چئلينجز کي به انجام تائين پهچائي ساهه پٽيندو. هن چيو ته جيڪڏهن قومي اسيمبلي جو اجلاس 22 تي نه ٿيو ته 25 تي ٿي ??ين??و، ان ۾ ڪهڙي قيامت اچي ??ين??ي، هن چيو ته موجوده مخالف ڌر او آءِ سي جي خلاف جيتري مهم هلائي ايتري ڀارت ۽ اسرائيل به نه ڪئي، جيڪي ماڻهو اٿي بيهي چون??ا آهن ته او آءِ سي ڪانفرنس ڪري ڏيکاريو، انهن کي شرم اچڻ گهرجي، هن چيو ته مولانا فضل الرحمان پنهنجي پوري سياسي ڪيريئر ۾ اسلام جي نالي تي ووٽ ورتو پر هن اسلام لاءِ ڪهڙي خدمت ڪئي، وفاقي وزير چيو ته عمران خان دنيا ۾ اسلامو فو??يا جي خلاف مهم شروع ڪئي ناموس رسالت ﷺ تي پهرو ڏنو، عمران خان پاڪستان ۾ اسلامي فلاحي مملڪت لاءِ اڳتي وڌي رهيو آهي، هن چيو ته مخالف ڌر جي معصوم ليڊر اسلامي پرڏيهي وز??رن جي ڪانفرنس کي سبوتاز ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، اسلامي پرڏيهي وز??رن جي ڪانفرنس جي تاريخ هڪ سال پهرين طئي ٿي، ان جي حتمي تاريخ جو اعلان به 6 کان 8 مهينا پهرين ٿيو، مخالف ڌر پنهنجي قرارداد 10 ڏينهن کانپوءِ جمع ڪرائي ها ته ڪهڙي قيامت اچي ها، هن چيو ته مخالف ڌر جون سموريون ڪوششون پاڪستان جي مفادن کي نقصان پهچائڻ لاءِ آهن، هن چيو ته وزيراعظم عمران خان، مولانا فضل الرحمان ۽ ان جي نام نهاد اتحاد جي خلاف ڄمي بيٺل آهي، هن چيو ته اسان باغي ميمبرن کي ست ڏينهن موقعو ڏنو آهي اهي واپس اچي وڃن، جيڪڏهن واپس نٿا اچن ته تاحيات نااهلي ٿيندي، اهڙا ميمبر پنهنجي ٻارن کي منهن ڏيکارڻ جي قابل نه هوندا. هن چيو ته قومي اسيمبلي جي قرارداد تحت ٽن ڏينهن لاءِ قومي اسيمبلي هال اسلامي سربراهي ڪانفرنس کي ڏنو ويو آهي، ان تي مخالفت ڌر جي مخالفت قابل مذمت آهي، قومي اسيمبلي جو اسپيڪر مخالف ڌر جي هر ڳالهه مڃيندو رهي ته ٺيڪ آهي، وفاقي وزير چيو ته ن ليگ جو ميڊيا سيل پي ٽي آءِ جي ڊي پيز ٺاهي فو?? جي خلاف مهم هلائي رهيو آهي، فو?? ۽ پي ٽي آءِ ۾ وڇوٽيون وجهڻ لاءِ ن ليگ جي اهڙي سازش ڪڏهن ڪامياب نه ٿيندي. عمران خان جي حڪومت ۽ پاڪستاني فو?? ملڪ جي استحڪام جون آئينه دار آهن، فو?? حڪومت جي پويان بيٺل آهي.
متعلقہ مضامین
-
Shehryar Afridi briefs ex-Danish MP on Kashmir
-
Zulfikar Bhutto Jr announces entry into politics
-
Govt announces Rs 5.2m, jobs for families of train attack victims
-
More canals on Indus River will aggravate water crisis: Sindh govt spokesperson
-
ECP launches 13-week intensive training for new election officers
-
رولیٹی آفیشل گیم پلیٹ فارم ویب سائٹ: نئے کھیلوں کی دنیا تک رسائی
-
Legendary Monkey King Entertainment آفیشل ویب سائٹ
-
Devil Fortune Integrity Entertainment Website - ایک قابل اعتماد تفریحی پلیٹ فارم
-
Ban imposes on swimming at Seaview on Valentine’s Day
-
188 Pakistani traders detained at Moscow airport
-
Sherpao demands special package for militancy-hit Pakhtunkhwa
-
NWA: Deweaponisation leaves tribesmen both vulnerable and relieved