اسلام آباد – 11 – جولاءِ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب صحافي اعظم چوڌري جي حوالي سان ”فرائيڊي ٽائيمز“ ۾ شايع ٿيندڙ خبر کي غ??ط ۽ بي بنياد قرار ڏيندي چيو آهي ته اعظم چوڌري پي ٽي وي جو ملازم نه آهي ۽ نه ئي ڪڏهن پي ٽي وي جو ملازم رهيو آهي، هي پي ٽي وي جي مسئلن تي ٻڌل تجزيه ڪارن جي پول جو رڳو هڪ ميمبر آهي، ان کي ان پول تان هٽايو ناهي ويو ۽ نه ئي ان کي ڇڏڻ جي لاءِ چيو ويو آهي، ان سان ا??ڙي قسم جي ڪا ڳالهه نه ٿي. اطلاعات واري وفاقي وزير پنهنجي ٽوئيٽ ۾ رڪارڊ جي درستگي جي لاءِ ڪجهه حقيقتون پيش ڪندي چيو ته حڪومت ان صحافي جي خيالن ۽ راءِ کان آگاهه هجڻ جي باوجود ان کي پريس ڪانفرنس ۾ گهرايو، جيڪڏهن حڪومت ان جو آواز يا سوال کي دٻائڻ چاهي ها ته ان کي گهرايو نه وڃي ها ۽ ان ک?? سوال پڇڻ جو موقعو نه ڏنو وڃي ها. هن چيو ته وزيراعظم ان صحافي ج?? سوال جو تفصيل سان جواب ڏنو. مون به ان ج?? سوال جو جواب ڏنو. وزيراعظم اُن ڏينهن گورنر هائوس لاهور جي ڪمري ۾ مختلف رپورٽرز ج?? سوالن جا جواب ڏيڻ ۾ ڪافي وقت گذاريو. اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته گذريل پي ٽي آءِ حڪومت ۽ ان جي فاشسٽ وزيراعظم جنهن کي رپورٽرز ود آئوٽ بارڊرز (آر ايس ايف) ”پريس فريڊم پريڊيٽر“ قرار ڏنو هو، جي ابتڙ وزيراعظم شهباز شريف ۽ موجوده حڪومت ميڊيا جي آزادي تي پڪو يقين رکي ٿي.
متعلقہ مضامین
-
PM condemns ‘heinous’ attack in phone call with Qatar’s amir
-
Imran Khan declared fully healthy after jail medical checkup
-
Physics paper leaks in Karachi’s matric exams
-
150,000 die of hepatitis every year in Pakistan
-
Indian Army goes berserk, takes revenge from ordinary muslims
-
Tribesmen decide merger of FATA into Khyber Pakhtunkhwa: Sherpao
-
Ajokas Bullah a Success in Denmark
-
Jiaduobao الیکٹرانک گیمز آفیشل ویب سائٹ کا تعارف
-
لائیو کیسینو آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ کے ساتھ پریمیئم گیمنگ کا تجربہ
-
EVO آن لائن معروف بیٹنگ گیٹ وے کی خصوصیات اور فائدے
-
AFB الیکٹرانک ریلائیبلٹی بیٹنگ انٹری کی اہمیت اور جدید ٹیکنالوجی میں اس کا کردار
-
AFB الیکٹرانک ریلائیبلٹی بیٹنگ انٹری کی اہمیت اور جدید ٹیکنالوجی میں اس کا کردار