اسلام آباد-13 جون (اي پي پي) سامونڊي طوفان بپر جوائي جو پاڪستاني سامونڊي علائقن تائين جو فاصلو 400 ڪلو??يٽ?? تائين رهجي ويو آهي، سامونڊي علائقن ۾ ڌُنڌ پکڙيل آهي، اڳواٽ وارننگ ۽ آگاهي مهم سان جاني ۽ مالي نقصان کان بچڻ لاءِ قدم کنيا پيا وڃن. ان حوالي سان سمورن لاڳاپيل ادارن ۾ مڪمل رابطا قائم آهن، صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ سمورا ايمرجنسي ادارا ۽ پاڪستان فوج مڪمل تيار آهن. سامونڊي طوفان بپر جوائي جي صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ کنيل قدمن بابت اجلاس جو بندوبست ڪيو ويو. اجلاس ۾ موسمياتي ۽ ماحولياتي تبديليءَ واري وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان، وفاقي وزير خرم دستگير خان ۽ اين ڊي ايم اي چيئرمين ليفٽيننٽ جنرل انعام حيدر ملڪ شرڪت ڪئي. ان موقعي تي اين ڊي ايم اي چيئرمين چ??و ته سامونڊي طوفان کي نظر ۾ رکندي سامونڊي علائقن مان ماڻهن کي محفوظ جاين تي منتقل ڪري رهيا آهيون، سڀاڻي تائين اهڙي صورتحال رهي ته اُڏامن جو شيڊول به متاثر ٿي سگهي ٿو. جيڪڏهن طوفان جي شدت ۾ اضافو ٿيو ته صورتحال کي مُنهن ڏيڻ لاءِ تيار آهيون. هن چ??و ته 50 هزار کان وڌيڪ ماڻهن کي محفوظ جاين ڏانهن منتقل ڪري رهيا آهن، انهن ماڻهن کي شروعاتي طور تي خوراڪ ۽ ميڊيڪل جي سهولتن جي ضرورت هوندي. هن چ??و ته سامونڊي طوفان ۽ ان سان پيدا ٿيندڙ صورتحال جي باري ۾ ميڊيا تي هر 2 ڪلاڪن بعد اپ ڊيٽ ??ند??سين. وفاقي وزير سينيٽر شيري رحمان چ??و ته سامونڊي علائقن مان ماڻهن کي ڪڍڻ جو سلسلو جاري آهي ۽ اهو عمل اڄ رات تائين مڪمل ڪيو ويندو. هن چ??و ته اسپتالن ۾ ايمرجنسي لاڳو ڪئي وئي آهي جڏهن ته سامونڊي علائقن جي ويجهن اسڪولن کي بند ڪيو ويو آهي. هن چ??و ته ملاحن کي ان الرٽ کي سنجيدگيءَ سان وٺڻ گهرجي، هاڻ به اطلاع آهن ته ڪجهه ملاح سمنڊ ۾ موجود آهن. هن چ??و ته ڪراچيءَ ۾ 110 ملي ??يٽ?? تائين برسات ٿي سگهي ٿي جڏهن ته بدين، ٺٽو ۽ ٻين سامونڊي علائقن ۾ 300 ملي ??يٽ?? تائين بارش جي اڳڪٿي آهي. هن چ??و ته طوفان جو رُخ في الحال پاسڪتان طرف ناهي پر احتياط ڪرڻ ضروري آهي. وفاقي وزير خرم دستگير خان چ??و ته طوفان جو اثر بج??ي جي نظام تي به پئجي چڪو آهي، سمنڊ ۾ ايل اين جي جا جهاز في الحال رُڪجي ويا آهن ۽ بج??ي بڻائڻ لاءِ اندروني ذريعن سان ايل اين جي فراهم ڪري رهيا آهيون. هن چ??و ته جيڪڏهن ڪنهن وڏي پاور پلانٽ کي خدانخواسته نقصان ٿيو ته اڳواٽ متبادل انتظام ڪري رهيا آهيون، پوري سسٽم جي نگراني ڪري رهيا آهيون.
متعلقہ مضامین
-
Commissioner chairs meeting to review polio eradication campaign
-
فورچون فش، شریمپ اینڈ کریب آفیشل انٹرٹینمنٹ اینٹرنس - تفریح کی شاندار دنیا کا دروازہ
-
Area Links Piggy Bank Official Entertainment Website
-
June 21: Longest day of the year
-
8th death anniversary of POF blasts victims observed
-
Ruet-e-Hilal Committee to meet on Friday for sighting Zilhaj moon
-
Dharna will be historical, says Sheikh Rasheed
-
Small dams in development, Ahsan Iqbal
-
بورڈ گیم تفریحی سرکاری ویب سائٹ
-
جیا الیکٹرانک انٹرٹینمنٹ ٹرسٹڈ ویب سائٹ: تفریح کا قابل اعتماد پلیٹ فارم
-
ہیل فیور آفیشل ڈاؤن لوڈ گیٹ وے مکمل رہنمائی اور تفصیلات
-
سلاٹ مشین ایماندار بیٹنگ لنکس کی اہمیت اور تفصیل