اسلام آباد- 29 جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پوري پاڪستاني قوم ۽ سموري اسلامي دنيا کي عيدالاضحيٰ جي مبارڪباد ڏيندي چ??و آهي ته عيدالاضحيٰ جو بنيادي فلسفو قرباني، ايثار، خلوص ۽ الله جي راهه ۾ پنهنجي عزيز ترين شيءَ نڇاور ڪرڻ آ??ي، عيد جي خوشي جي موقعي تي اسان کي پنهنجي جانورن جي قرباني جو گوشت غريبن ۾ ورهائڻ کانسواءِ به جيتري قدر ممڪن ٿي سگهي محتاجن ۽ ضرورتمندن جي امداد ڪرڻ گهرجي. عيدالاضحيٰ جي موقعي تي قوم جي نالي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته مان عيدالاضحيٰ ۽ عظيم اسلامي عبادت حج ج?? موقعي تي پوري پاڪستاني قوم ۽ سموري اسلامي دنيا کي مبارڪباد پيش ڪريان ٿو ۽ الله تع??ليٰ جي بارگاهه ۾ دعاڳو آهيان ته هو اسان جي قربانين ۽ عبادتن کي پنهنجي بارگاهه ۾ قبول فرمائي. وزيراعظم چيو ته عيدالاضحيٰ جي هن خوشي جي موقعي تي الله تع??ليٰ آڏو پيش ڪيل قرباني اسان کي حضرت ابراهيم خليل الله عليه السلام ۽ ان جي لخت جگر حضرت اسماعيل ذبيح الله عليه السلام جي ياد ڏياري ٿو ۽ اهو ٻڌائي ٿو ته اسان جي دنياوي رتبي کان قطعي نظر اسان تيستائين الله جي بندگي ۽ مڪمل اطاعت جا دعويدار نه ٿا ٿي سگه??ن ??يستائين اسان خالق ۽ مالڪ جي بارگاهه ۾ پنهنجي بهترين ۽ محبوب شيءَ جي قرباني جو جذبو ۽ حوصلو نٿا رکون ٿا، عيدالاضحيٰ جو بنيادي فلسفو قرباني، ايثار ۽ خلوص ۽ الله جي راهه ۾ پنهنجي عزيز ترين شيءَ نڇاور ڪرڻ آهي. هن چيو ته عيد جي هن خوشيءَ جي موقعي تي جتي اسان پنهنجي جانورن جي قرباني جو گوشت غريبن ۾ ورهايون گڏوگڏ اهو به ضروري آهي ته گوشت کانسواءِ به جيتري قدر ممڪن ٿي سگهي محتاجن ۽ ضرورتمندن جي امداد ڪري??ن ??ه جيئن اسان جا اهڙا هم وطن ڀينر ۽ ڀائر جيڪي معاشي طور تي ڪمزور آهن اهي به انهن خوشين کي ڀرپور طريقي سان ملهائي سگهن. هن چيو ته قرباني جي عيد ملهائڻ جو مقصد اهو آهي ته مسلمانن جي اندر اهو ئي روح، اسلام ۽ ايمان جي اها ئي ڪيفيت ۽ خدا سان محبت ۽ وفاداري جو اهو ئي شان پيدا ٿئي جنهن جو مظاهرو حضرت ابراهيم عليه السلام ۽ حضرت اسماعيل عليه السلام پنهنجي زندگي ۾ ڪ??و آهي. وزيراعظم چيو ته هن قرباني جي عيد تي غريبن ۽ مسڪينن جي مدد ڪرڻ وقت خاص طور تي پنهنجي ڀرپاسي اهڙن ماڻهن کي ضرور ياد رکو جيڪي گذريل سال ٻوڏ جي تباهين سبب بي گهر ٿيا، مون کي ڀرپور احساس آهي ته پاڪستان هن وقت مهانگائي جي لپيٽ ۾ آهي جيڪا گهڻو ڪري ٻاهرئين عملن سان پيدا ٿيل ناڻي واڌ ۽ ٻاڙائي جي اثرن جي ڪري آ??ي، حڪومت پنهنج??ن ??موري??ن ??وانائي??ن ??وامي ريليف تي لڳائي رهي آهي ۽ اسان بجيٽ ۾ به پگهاردار طبقي، پينشنرز ۽ مزدور کي جيتري قدر ٿي سگهيو ريليف ڏنو آهي. هن چيو ته عيدالاضحيٰ جي هن مبارڪ موقعي تي منهنجي اها دعا آهي ته الله تع??ليٰ پوري اسلامي دنيا کي امن ۽ سلامتي ۽ ترقي جو گهوارو بڻائي ۽ دنيا ۾ جتي جتي مسلمان مصيبتن جو شڪار آهن، خاص طور تي ڪشمير ۽ فلسطين جي مظلوم ڀينرن ۽ ڀائرن جون مشڪلاتون ۽ پريشانيون کي ختم ڪري. وزيراعظم چيو ته قرباني جي تعليم ۽ حج ج?? پيغام امن، برداشت، ڀائيچاري ۽ الله تع??ليٰ جي حڪمن تي عمل ڪرڻ آ??ي، انهن ئي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي ڏس ۾ عيدالاضحيٰ جو صحيح حق ته ان وقت ادا ٿيندو جڏهن اسان ان جي گهرجن کي پورو ڪنداسين ۽ ان جي ضرورت، اهميت، افاديت ۽ مقصديت تي غور فڪر ڪري ان کي عملي جامعو پارائينداسين.
متعلقہ مضامین
-
Minister approaches interior ministry over expats’ blocked passports
-
رولیٹی آفیشل ڈاؤن لوڈ گیٹ وے: سرکاری سافٹ ویئر تک رسائی کا قابل اعتماد پلیٹ فارم
-
Get Rich Make Money Tree سرکاری تفریحی ایپ
-
سپر ڈائمنڈ ایوارڈ آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ
-
Duiqi Entertainment کی سرکاری ویب سائٹ پر خوش آمدید
-
European Blackjack ایماندارانہ بیٹنگ لنکس کا مکمل جائزہ
-
CTD arrests three wanted terrorists in Dir Bala
-
SRA accepts responsibility for twin blasts targeting Rangers
-
Preachings for peace
-
17 out of 50 under-five children in Punjab stunted
-
Rabbani urges unity between Muslim nations
-
ڈریگن اینڈ ٹریژر انٹرٹینمنٹ آفیشل ایپ ڈاؤن لوڈ کریں