اسلام آباد-27 جون (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجه پرويز اشرف حج جي سعادت ماڻيندڙن کي حج جون مبارڪون ڏيندي الله ت??اليٰ کان سموري عالم اسلام جي ترقي ۽ خوشحالي ۽ درپيش ڏکيائين مان نجات لاءِ دعا ڪئي آهي. يوم عرفه جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ هن چيو ته حج جا بهترين انتظام ڪرڻ تي پاڪستان ۽ سعودي عرب جي حڪومتن ۽ خاص طور تي خادم الحرمين الشريفين کي خراج تحسين پيش ڪيان ٿو. هن چيو ته حج اسلام جو هڪ اهم رڪن آهي جيڪو الله ت??اليٰ جي رضا، خوشنودي ۽ مغفرت طلب ڪرڻ جو تمام وڏو ذريعو آهي. هن چيو ته حاجي سڳورا حج دوران جيڪي تڪليفون ??رداشت ڪندا آهن الله پاڪ طرفان ان جو عظيم اجر کين ملندو آهي ۽ ان ٻانهي جا پويان سمورا گناهه معاف ڪيا ويندا آهن. سندس چوڻ هو ته الله ت??اليٰ مسلمانن کي حج جي عظيم سعادت سان نوازي ۽ اسان سڀني کي بار بار پنهنجي گهر جي حاضري ن??يب فرمائي. هن چيو ته الله ت??اليٰ کان دعا آهي ته هن برڪت واري ڏينهن جي صدقي سموري عالم اسلام تي پنهنجو خاص فضل ۽ ڪرم ۽ مهرباني فرمائي ۽ اسان کي انفرادي ۽ اجتماعي مالي، ??عاشي ۽ سياسي ڏکيائين مان نجات عطا فرمائي. الله ت??اليٰ والاريل فلسطين ۽ ڪشمير جي آزادي لاءِ جاري ڪوششن کي ڪامياب ڪري. الله ت??اليٰ ڀارت جي غير قانوني قبضي ??يٺ آيل ڄمون ڪشمير ۽ فلسطين ۾ رهندڙ مظلوم انسانن کي ظالمن جي عذاب مان ڇوٽڪارو ڏياري. هن دعا ڪئي ته اسان جي ڪوششن عيوض ايندڙ وقت ۾ دنيا ۽ ملڪ ۾ استحڪام اچي ۽ ترقي ۽ خوشحالي جون منزلون ??عي ٿين.
متعلقہ مضامین
-
Sindh sends aid trucks to flood victims
-
Eid ul-Fitr holiday announced: three days of celebration ahead
-
Appellate tribunal set to hear appeal regarding municipal corporations
-
Dosti Bus Service suspended after caste violence in India
-
WFP to assist Pakhtunkhwa govt in provision of food to TDPs
-
Islamic seminary back in Indian media as terror hub
-
Pakistan ranks 9th among world’s most obese nations
-
Army conducts night field manoeuvres
-
Pakistan ranks 48th place on English language skills
-
More than a politician
-
Expert says Pakistan needs cross-domain deterrence
-
Butterfly Entertainment کی سرکاری پلیٹ فارم