پيرس – 23 – جون (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ جرمن چانسلر اولاف شولز ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ واپار، سيڙپڪاري ۽ توانائي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون کي فروغ ڏيڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهو اتفاق راءِ نئين عالمي مالياتي معاهدي بابت سربراهه اجلاس جي موقعي تي ملاقات ۾ ٿيو. وزيراعظم آفيس جي ميڊي اونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ امداد ۽ 163 ملين يورو جي معاشي معاونت جي فراهمي تي جرمن حڪومت جا ٿورا مڃيا. وزيراعظم چيو ته بينظير انڪم سپورٽ پروگرام جي لاءِ 27 ملين يورو جي اضافي رقم ٻوڏ متاثرين جي مدد ۽ خوراڪ جي فراهمي جي لاءِ استعمال ٿي. هن چيو ته جرمني جي ترقي کي سدائين هڪ مثال طور پيش ڪيو آهي، جرمني جهڙي طرح محنت سان پنهنجو مقام ٺاهيو آهي ??هو اسرندڙ ملڪن جي لاءِ هڪ عمده مثال آهي، ذاتي طور تي جرمني جي ترقي، جرمن قوم جي محنت ۽ عزم کي پسند ڪريان ٿو. هن اميد ظاهر ڪئي ته موسمياتي تبديلي سان خطرن ۽ معاشي دٻاءُ جهڙن مسئلن ۾ جرمني اسرندڙ ملڪن جو آواز بڻجندو، اسرندڙ ملڪن مان مالياتي دٻاءُ ۾ گهٽٽائي سان اتان جي عوام کي ريليف ڏيڻ ۾ مدد ملندي. وزيراعظم پاڪستان ۾ جرمن ڪمپنين ۽ اين جي اوز جي خدمتن کي سار??يو. ٻنهي ??ڳواڻن ??اڪستان ۽ جرمني ۾ واپار، سيڙپڪاري، توانائي سميت مختلف شعبن ۾ تعاون وڌائڻ تي اتفاق ڪيو. جرمن چانسلر وزيراعظم شهباز شريف جي لاءِ خيرسگالي ??ي جذبن جو اظهار ڪندي چيو ته توهان سان ملي تمام گهڻي خوشي ٿي آهي. هن پاڪستانج ي حڪومت ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پڻ اظهار ڪيو.
متعلقہ مضامین
-
US, UK and China top 3 destinations of exports in July
-
PTI chief denies reports of deal over Imran
-
مناظر فطرت اور سرکاری تفریحی ویب سائٹ
-
Geo may be taken off air at any time
-
6.7m drug addicts in Pakistan, says official
-
Lady doctor shot dead in Peshawar
-
JUI-F chief to break the ice between PMLN and PPP
-
IHC accepts plea seeking Pakistanis release from Guantanamo
-
Govt to spend Rs 3bn on youth skill development
-
Bilawal lashes out at Modi for comments on Balochistan
-
Guards deployed for security of Chinese nationals causing concern among citizens
-
لاٹری سٹی کی معروف بیٹنگ ویب سائٹ اور اس کی خصوصیات