اسلام آباد – 09 – جون (اي پي پي) ايندڙ مالي سال 24 – 2023ع جي بجيٽ ۾ سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) تحت قومي صحت، سروسز، ريگيوليشن ۽ ڪوآرڊينيشن واري وزارت جي 9 نئين ۽ 31 جاري منصوبن جي لاءِ 13 ارب 10 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. جاري ڪيل سرڪاري شعبي جي ترقياتي پروگرام (پي ايس ڊي پي) موجب نئين منصوبن جي لاءِ 2 ارب 59 ڪروڙ 66 لک رپين کان وڌيڪ جا فنڊز رکيا ويا آهن. ان ۾ اسلام آباد ۾ بوڪرا واري جڳهه تي طبي مرڪز قائم ڪرڻ جي لاءِ 20 ڪروڙ رپيا، ??يبارٽري جي قيام جي لاءِ 30 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. وفاقي گادي واري شهر ۾ يونيورسل هيلٿ ڪوريج کي يقيني بڻائڻ جي نيشنل هيلٿ سپورٽ منصوبي جي لاءِ 25 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. گمبٽ سنڌ ۾ بائيوليجڪل اينڊ ڪينسر ريسرچ ۽ ٽريٽمينٽ جي لاءِ 50 ڪروڙ رپيا، ??يپ??ٽا??يش سي جي خ??تمي جي وزيراعظم قومي پروگرام جي لاءِ 50 ڪروڙ رپيا ۽ اسلام آباد ۾ ڪينسر ??سپ??ال قائم ڪرڻ جي لاءِ اوزارن جي خ??يداري جي لاءِ 10 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. وزيراعظم جي زيابيطس کي روڪڻ جي قومي پروگرام جي لاءِ 50 ڪروڙ رپيا رکيا ويا آهن. وزارت جي 31 جاري منصوبن جي لاءِ 10 ارب 50 ڪروڙ 33 لک رپين کان وڌيڪ جي رقم رکي وئي آهي. اسلام آباد ۾ ڪينسر ??سپ??ال قائم ڪرڻ جي لاءِ هڪ ارب رپيا، ڳوٺاڻن علائقن ۾ صحت جي سهولت جي استحڪام ۽ اپ گريڊيشن جي لاءِ 35 ڪروڙ 69 لک، پمز ۾ نيورو سرجري جي شعبي جي اپ گريڊيشن جي لاءِ 30 ڪروڙ رپيا، ??يلٿ سروسز اڪيڊمي جي بهتري لاءِ 14 ڪروڙ 58 لک رپيا رکيا ويا آهن. پمز ۾ 200 بسترن تي ٻڌل حادثن واري شعبي ۽ ايمرجنسي مرڪز قائم ڪرڻ جي لاءِ هڪ ارب 20 ڪروڙ رپيا، جي – اليون ٿري ۾ جناح ??سپ??ال اسلام آباد قائم ڪرڻ جي لاءِ 2 ارب 20 ڪروڙ رپيا جڏهن ته اسلام آباد جي قومي هيلٿ انشورنس پروگرام جي ٻئي مرحلي ۾ صحت سهولت پروگرام جي لاءِ 2 ارب 29 ڪروڙ رپين کان وڌيڪ جي رقم رکي وئي آهي.
متعلقہ مضامین
-
India behind smuggling, IED incidents along LoC: AJK minister
-
COAS Gen Asim Munir awarded guard of honour during UK visit
-
Islamabad United defeat Karachi Kings to remain unbeaten in PSL 10
-
ایم جی آن لائن آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ کا تعارف
-
KM کارڈ گیم تفریحی قابل اعتماد ایپ
-
Heated debate in NA on formulation of TORs committee
-
Shahbaz Taseer on BBC HardTalk
-
Govt, WB ink $650m development agreements
-
Nation will not tolerate corruption
-
Gen Raheel bids farewell
-
Shehbaz promises to end corruption
-
میڈوسا II تفریحی سرکاری ویب سائٹ